سندر اگناڻي

سندر اگناڻي

سندر اگناڻي

سندر اگناڻي: مشھور سنڌي ڪھاڻيڪار، ھدايتڪار، اداڪار، مضمون نگار ۽ ناٽڪ نويس سندر پيسومل اگناڻي، پھرين آڪٽوبر 1936ع تي، ڳوٺ ڀريا، ضلعي نوشھروفيروز ۾ جنم ورتو. ھن شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، ورھاڱي کانپوءِ ھيءُ پنھنجي وڏن سان گڏ ھندستان جي شھر جئپور لڏي ويو، جتان بي. اي ڪرڻ کان پوءِ ناٽڪ ۽ مصوريءَ ۾ جدا جدا ڊپلوما حاصل ڪيا. گارمينٽس ايڪسپورٽ جو ڪاروبار سندس گذر معاش جو ذريعو بڻيو. سندر اگناڻي لکڻ جي شروعات پنھنجي اسڪول واري زماني کان ڪئي. سندس لکيل ڪھاڻيون، مضمون ۽ ناٽڪ مختلف سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آھن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘ننگا پٿر’ (1972ع)، ‘پاڇا’ (1982ع)، ‘پاڻيءَ جا رشتا’ (1996ع)، ‘رُھنڊون’ (1997ع)، ‘ٻيو پاسو’ (1998ع) ۽ ٻيا شامل آھن.‘پاڻيءَ جا رشتا’ ڪتاب کي ھندستان جي وزارت تعليم پاران اوارڊ پڻ مليو. سندر اگناڻيءَ جي مشھور ناٽڪن ۾: ‘اشتھاري شادي’، ‘خدا گواھھ’، ‘مفت جو مال’، ‘اگني سنڪسار’ ۽ ٻيا شامل آھن، جن تي کيس 2018ع ۾ راجستان سنڌي اڪيڊمي طرفان ‘سامي’ لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ، سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا پاران ‘سندري اتم چنداڻي سنڌيت ’ اوارڊ ۽ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا پاران بھ کيس ساڳئي سال اوارڊ ڏنو ويو. ھيءُ راجستان سنڌي اڪيڊميءَ جو وائيس چيئرمين ۽ چيئرمين (1990ع-1988ع) پڻ رھيو. ان کانسواءِ، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا جو صدر (1997ع کان وفات تائين) ۽ ساھت اڪيڊميءَ جو ٻھ ڀيرا (1988ع کان 1992ع ۽ 1998ع کان 2002ع تائين) صلاحڪار بھ رھيو. 1960ع واري ڏهاڪي ۾، سنڌي ٻوليءَ کي، هندستان جي آئين ۾ قومي ٻولي طور تسليم ڪرائڻ واري جدوجھد ۾ به سندس اهم ڪردار رهيو. سندر اگناڻي آل انڊيا ريڊيو تي ڪيترائي فيچر پڻ لکيا. ماھوار رسالي ‘سھڻي’ جو ايڊيٽر ھئڻ سان گڏ سٺو چترڪار بھ ھو. سندس مستقل رھائش راجسٿان جي شھر جئپور (ڀارت) ۾ رهي. 11 اپريل 2023ع تي جئپور ۾ وفات ڪئي.


لفظ سندر اگناڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.10.01  عيسوي

مشهور سنڌي ڪهاڻيڪار، هدايتڪار، اداڪار، مضمون نگار ۽ ناٽڪ نويس سندر اگناڻي، پهرين آڪٽوبر 1936ع تي، ڳوٺ ڀريا، ضلعي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عالمچند ڪولهي
تيجواڻي ڪمار
رشدالله شاهه امروٽي
دروڻاچاريه
ڏيپچند ٽي اوجها
پنا لال گهوش بانسري نواز
صبيحه مغل ڊاڪٽر
جيمس لوئيس مينس
استاد رسول بخش ڪلهوڙو
عباسي پنجل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون